جهامرو (بيماري)

جهامرو (بيماري): هيءَ پڪريز جي بيماري آهي، شروعات ۾ هٿ جي ڪنهن ننهن تي ٿر ٿيندي آهي، هٿ جو آڱوٺو يا ڪنهن آڱر جو نُنهن سُور ۽ سوڄ ڪندو آهي، جنهن مان گند ۽ پونءِ وهڻ ڪري انهيءَ جاءِ تي جهامرو ٿي پوندو آهي. جهامري سبب هٿ جو آڱوٺو يا آڱر ڪڙهندي رهندي آهي ۽ سخت سور ٿيندو آهي. ڦٽ کي اگهاڙي ڇڏڻ سان مريض سور سهي نه سگهندو آهي، جهامري سبب هٿ ۽ ڪرائيءَ تي سوڄ به ٿيندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو